عبدالرئوف عروج

عبدالرئوف عروج: ناميارو ليکڪ، شاعر، محقق ۽ صحافي، عبدالرئوف عروج، 5 جنوري 1932ع ۾ اورنگ آباد، مهاراشٽر (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ خاندان سميت لڏي اچي پهرين لاهور ۾، پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. جتي مختلف وقتن ۾ مختلف اخبارن ۽ رسالن سان منسلڪ رهيو. جن ۾ روزاني امروز، مشرق، انجام، حريت ۽ ماهوار ‘نيا راهي’ شامل آهن. سندس لکيل ڪتابن ۾ ‘اردو مرثيا ڪي پانچ سئو سال’، ‘بزم غالب’، ‘رجال اقبال’، ‘خسرو اور اهل خسرو’، ‘اقبال اور بزم اقبال’، ‘مير اور اهل مير’ کان سواءِ ‘فارسي گو شعراء’ شامل آهن. عبدالرئوف عروج جو هڪ شعري مجموعو ‘چراغِ آخريدم’ جي نالي سان ڇپيل آهي. هن 17 مئي 1990ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ عبدالرئوف عروجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.01.05  عيسوي

عبدالرئوف عروج، 5 جنوري 1932ع ۾ اورنگ آباد، مهاراشٽر (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو.


1990.05.17  عيسوي

عبدالرئوف عروج 17 مئي 1990ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواند مير
آفتاب احمد ميمڻ
چانڊيو منير2
ٻلديو مٽلاڻي
رشيد آخوند
پدم راج شرما
عبدالرئوف عروج
زيب ڀٽي
جيئل اوڏ
پنجواڻي رام پروفيسر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون